ڪي پي حڪومت پاران سرڪاري ملازمن جي پرڏيهي ماڻهن سان شادي تي نيون پابنديون

ڪي پي حڪومت پاران سرڪاري ملازمن جي پرڏيهي ماڻهن سان شادي تي نيون پابنديون

پشاور: خيبر پختونخوا حڪومت سرڪاري ملازمن جي پرڏيهي شهرين سان شادي بابت نوان سخت قانون لاڳو ڪري ڇڏيا آهن، جن تحت اڳواٽ اجازت وٺڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي۔
هيومن ريسورس مينيجمينٽ ڊپارٽمينٽ جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪو به سرڪاري ملازم حڪومت جي اجازت کان سواءِ ڪنهن به پرڏيهي شهري سان شادي يا واعدو نٿو ڪري سگهي۔
اهي قانون ڪي پي سول سرونٽس رولز 2026 تحت لاڳو ڪيا ويا آهن، جن موجب بغير اجازت شادي ڪندڙ ملازم خلاف “مس ڪنڊڪٽ” تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ايفيشنسي اينڊ ڊسپلن رولز 2011 تحت سخت سزا ڏني ويندي۔
شادي لاءِ خواهشمند ملازمن کي درخواست سان گڏ ڪيريڪٽر ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ ۽ حلف نامو جمع ڪرائڻو پوندو۔
حڪومت درخواست تي فيصلو ڪرڻ کان اڳ پرڏيهي شهري جي قوميت، پاڪستان سان لاڳاپيل ملڪ جا سفارتي لاڳاپا ۽ سيڪيورٽي ادارن جي رپورٽ جو جائزو وٺندي۔
اهي قانون فوري طور سڄي صوبي ۾ لاڳو ڪيا ويا آهن ۽ سڀني ادارن کي سختي سان عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو