وفاقي حڪومت پاران هارين لاءِ خاص سبسڊي پروگرام جو اعلان

وفاقي حڪومت پاڪستان ۾ هارين لاءِ خاص سبسڊي پروگرام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت راڄڌاني اسلام آباد جا هاري به هن سهولت مان فائدو وٺي سگهندا۔پروگرام موجب ساڍا 12 ايڪڙ کان گهٽ زمين رکندڙ سڀئي هاري هن اسڪيم جا حقدار هوندا۔ حڪومت جو چوڻ آهي ته هن قدم جو مقصد ننڍن هارين جي مالي مدد ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌارو ڪرڻ آهي۔سبسڊي حاصل ڪرڻ لاءِ هاري پاڪستان آسان خدمت ايپ ذريعي ٽن آسان مرحلن ۾ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا، جنهن لاءِ کين پنهنجا دستاويز ۽ معلومات اپلوڊ ڪرڻي پوندي۔حڪومت طرفان انهن هارين لاءِ به سهولت رکيل آهي جن وٽ اسمارٽ فون موجود نه آهي، انهن لاءِ 1725 هيلپ لائن پڻ جاري ڪئي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو