خيرپور: ٽنڊو مستي واري علائقي ۾ جرڳي جي فيصلي تحت هڪ عورت کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪندي ٻه مرڪزي جوابدار گرفتار ڪري ورتا۔پوليس موجب واقعو ٽنڊو مستي ۾ پيش آيو جتي عورت کي غيرت جي نالي تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو۔ وڊيو ۾ جوابدارن کي جرڳي جي فيصلي کان پوءِ فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو۔ايس ايس پي موجب وڊيو چار ڏينهن پراڻي آهي ۽ پوليس اڳ ئي ڪارروائي شروع ڪري چڪي هئي۔ ٻن مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين جوابدارن جي ڳولا جاري آهي۔واقعي جو ڪيس چار ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي۔ضیا الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو ته اهڙا واقعا سنڌ جي پرامن روايتن جي ابتڙ آهن ۽ ملوث ماڻهن کي سزا ڏني ويندي۔
