ڪراچي ۾ 29 ارب ايراني ريال برآمد، سي ٽي ڊي اهلڪار به ملوث

موچڪو پوليس پاران 29 ارب 69 ڪروڙ ايراني ريال جي برآمدگي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ سي ٽي ڊي ڪوئٽا جو هڪ اهلڪار به شامل آهي۔اسد رضا موجب گرفتار ڪانسٽيبل تاج محمد خلاف سخت کاتي ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي۔ ڪارروائي دوران جوابدار وٽان لائسنس يافته هٿيار ۽ گوليون به هٿ آيون، جن کي برآمد ٿيل ڪرنسي سان گڏ ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو۔تحقيق دوران جوابدار ٻڌايو ته هو ڪوئٽا ۾ ايئرپورٽ روڊ ويجهو غازي خان نالي شخص کان ايراني ڪرنسي وٺي ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ هڪ نامعلوم شخص حوالي ڪندو هو۔جوابدار موجب کيس هر ڪھیپ پهچائڻ عيوض 2 لک رپيا ملندا هئا، جڏهن ته وڌيڪ نيٽ ورڪ جي جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو