پاکستان سپر لیگ جي يارهين ايڊيشن جو پهريون هاف مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن دوران ڪيترن ئي رانديگرن بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري مداحن کي خوب لطف اندوز ڪيو۔پشاور زلمی جا رانديگر خاص طور نمايان رهيا۔ بيٽنگ ۾ ڪوشال مينڊس هڪ سينچري ۽ ٻه اڌ سينچريون اسڪور ڪري 5 ميچن ۾ 309 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر بڻيو۔ملتان سلطانز جي صاحبزادہ فرحان 249 رنز سان ٻئي نمبر تي رهيو۔بابر اعظم 230 رنز سان ٽئين، اسلام آباد یونائیٹڈ جي سمیر منہاس 207 رنز سان چوٿين ۽ کوئٹہ گلیڈی ایٹرز جي حسن نواز 197 رنز سان پنجين نمبر تي رهيو۔ايونٽ جي پهرين مرحلي ۾ زبردست مقابلا ڏسڻ ۾ آيا، ۽ هاڻي مداح ٻئي هاف ۾ وڌيڪ دلچسپ ميچن جا منتظر آهن۔
