پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اهم ملاقاتون، معاشي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اعليٰ سطح جون اهم ملاقاتون ٿيون آهن، جن ۾ اسٽرٽيجڪ شراڪتداري، معاشي تعاون ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔

ذريعن موجب وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزیب واشنگٽن ڊي سي ۾ ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي بهار اجلاس 2026 دوران چين جي وزير خزانه لان فوآن ۽ پیپلز بینک آف چائنا جي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون۔

ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مالي تعاون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔ وزير خزانه محمد اورنگزيب پاڪستان لاءِ چين جي مسلسل سهڪار تي ٿورا مڃيا ۽ آءِ ايم ايف ۾ چين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو۔

هن چيني اختيارين کي پاڪستان جي آءِ ايم ايف پروگرام جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي (EFF) ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي (RSF) جي جائزي لاءِ اسٽاف ليول معاهدو مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن جي منظوري مئي جي شروعات ۾ متوقع آهي۔

وزير خزانه وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان 1.4 ارب ڊالر جو يورو بانڊ ادا ڪري ڇڏيو آهي ۽ سعودي عرب کان اضافي مالي مدد پڻ حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن سان ملڪ جي مالي پوزيشن مضبوط ٿيندي۔

ان کان علاوه پاڪستان جي پهرين پانڊا بانڊ جي جاري ڪرڻ بابت به اڳڀرائي تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار جو وڏو حصو هاڻي رينمنبي (RMB) ۾ ٿيڻ لڳو آهي۔

آخر ۾ وزير خزانه خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ تي چيني اختيارين جا ٿورا مڃيا۔

پنھنجي راءِ لکو