اچره ۾ ٽن ٻارن جي قتل ڪيس ۾ حيران ڪندڙ انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ): لاهور جي علائقي اچره ۾ ٽن معصوم ٻارن جي دردناڪ قتل ڪيس جي جاچ دوران وڌيڪ هولناڪ انڪشاف سامهون آيا آهن.

تفتشي ذريعن موجب ملزمه ردا ۽ سندس مبينا دوست شهريار وچ ۾ 746 ڪالن جو رڪارڊ مليو آهي، جنهن جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ ۾ اهو به سامهون آيو آهي ته ملزمه مبينا طور “ڇپن ڇپائي” جي راند جي بهاني ٻارن کي هڪ هڪ ڪري قتل ڪيو. پهرين ڏيڍ ورهين جي ٻارڙي، پوءِ پٽ ۽ آخر ۾ وڏي ڌيءَ کي قتل ڪيو ويو.

تحقيق موجب واردات بعد ملزمه خون لڳل ڪپڙا تبديل ڪيا ۽ گهر کي تالو هڻي پنهنجي مڙس سان اسپتال هلي وئي.

وڌيڪ جاچ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سي سي ڊي ٽيم ملزمه جي نشاندهي تي سندس دوست شهريار کي جهنگ مان گرفتار ڪري ورتو آهي. ابتدائي جاچ موجب ٻنهي ۾ ويجهي دوستي هئي ۽ هو شادي ڪرڻ چاهيندا هئا.

ڪيس جي وڌيڪ جاچ هاڻي سي سي ڊي حوالي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوليس اهو به پتو لڳائي رهي آهي ته ڇا شهريار هن منصوبي کان اڳواٽ واقف هو يا نه.

ياد رهي ته ٽي ٻار — 5 ورهين جي مومنه بتول، 4 ورهين جو مومن رضا ۽ ڏيڍ ورهين جي امه حبيبه — جون لاشون اچره جي هڪ گهر مان مليون هيون، جن کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويو هو.

ابتدائي جاچ ۾ ملزمه اعترافي بيان به ڏئي ڇڏيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو