سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ واڌ، في تولو سون 4 لک 93 هزار 162 رپيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان ۾ اڄ ڪاروباري ڏينهن دوران سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

صرافه ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 2 هزار 300 رپيا مهانگو ٿي 4 لک 93 هزار 162 رپين تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 1 هزار 971 رپيا واڌ سان 4 لک 22 هزار 806 رپيا ٿي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهه ۾ واڌ ڏٺي وئي، جتي في اونس سون 23 ڊالر وڌي 4708 ڊالر ٿي ويو آهي.

چاندي جي اگهه ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، پاڪستان ۾ في تولو چاندي 92 رپيا وڌي 8 هزار 49 رپيا ٿي وئي آهي.

ماهرن موجب سون روايتي طور محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو وڃي ٿو ۽ معاشي غير يقيني صورتحال ۾ ان جي قيمت ۾ واڌ ٿيندي آهي. گذريل سال پاڪستان ۾ سون جي اگهه جي تعين واري نظام ۾ تبديلي ڪندي ان کي عالمي مارڪيٽ ريٽ کان 20 ڊالر في اونس وڌيڪ مقرر ڪيو ويو هو۔

پنھنجي راءِ لکو