ڄامشورو ۾ هيوي ٽريلر هيٺان ايڪسائيز اهلڪار فوت

ڄامشورو ۾ هيوي ٽريلر هيٺان ايڪسائيز اهلڪار فوت

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ): ڄامشورو ۾ تيز رفتار هيوي ٽريلر ڊيوٽي تي مقرر ايڪسائيز پوليس جي اهلڪار کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

پوليس ذريعن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪراچي کان ڪوٽڙي ويندڙ هڪ هيوي ٽريلر کي ايڪسائيز پوليس ٽيم روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. 52 ورهين جي اهلڪار امام بخش سومرو ٽريلر کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، پر ڊرائيور گاڏي روڪڻ بدران اهلڪار مٿان چڙهائي ڇڏي.

حادثي جي نتيجي ۾ امام بخش سومرو سخت زخمي ٿيو ۽ دم ڏئي ڇڏيو.

پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ٽريلر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊرائيور کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

فوت ٿيل اهلڪار جو تعلق ڀان سعيد آباد سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو