بکر ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تي هٿياربند جهڙپ، 5 ڄڻا مارجي ويا

بکر (ويب ڊيسڪ): بکر جي نواحي علائقي بستي چانڊيه ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تي ٻن ڌرين وچ ۾ هٿياربند جهڙپ دوران 5 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب افسوسناڪ فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويلن ۾ پيءُ ۽ پٽ به شامل آهن. ابتدائي جاچ موجب جهڙپ ۾ شامل سمورا ماڻهو هڪ ئي خاندان سان واسطو رکن ٿا.

حڪام جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ گذريل هڪ سال کان زمين جو تڪرار هلندڙ هو، جڏهن ته ڪالهه به انهي معاملي تي تلخ ڪلامي ۽ هٿاپائي ٿي هئي، جيڪا اڄ خوني تصادم ۾ تبديل ٿي وئي.

ڊي پي او بکر موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ شواهد گڏ ڪرڻ لاءِ فارنزڪ ٽيم سرگودها کي طلب ڪيو ويو آهي. ملزمن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ٻئي طرف ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بکر ۾ ممڪن ٻي جهڙپ جي خدشي سبب وڏي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو