رائيونڊ ۾ مبينا زهريلو شوارما، 7 ورهين جي نينگري فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ): لاهور جي علائقي رائيونڊ ۾ مبينا طور زهريلو شوارما کائڻ سبب 7 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ماءُ ۽ ڀاءُ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

تفصيل موجب شوارما کائڻ کان ڪجهه دير پوءِ عورت ۽ ٻنهي ٻارن جي طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ورهين جي نينگري دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ماءُ ۽ ڀاءُ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نينگري جي والد پنهنجي سالي شير زمان تي الزام لڳايو آهي ته هن گهريلو ناراضگي سبب سندس گهر واري ۽ ٻارن کي مبينا طور زهريلو شوارما کارايو.

پوليس مقتولا نينگري جي والد جي فرياد تي جوابدار شير زمان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب واقعي جي مختلف پهلوئن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو