پاکستان کرکٹ بورڈ آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ 16 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ شاہین شاہ آفریدی کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سلمان علی آغا نائب ڪپتان هوندو۔
اسڪواڊ ۾ نوجوان رانديگر احمد دانيال، عرفات منهاس ۽ روحيل نذير کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته محمد غازي غوري ۽ روحيل نذير کي وڪيٽ ڪيپر بيٽر طور موقعو ڏنو ويو آهي۔سيريز لاءِ بابر اعظم، نسیم شاہ، شاداب خان ۽ سفیان مقیم جي قومي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي۔ٻئي طرف فخر زمان ۽ صائم ایوب زخمي هجڻ سبب اسڪواڊ جو حصو نه بڻجي سگهيا، جڏهن ته عثمان خان بيماري سبب چونڊ لاءِ موجود نه هئا۔
