ڈونلڈ ٹرمپ جي ايران بابت سخت ۽ ڌمڪي آميز بيان کانپوءِ يورپ ۽ ايشيا ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي۔ عالمي ميڊيا رپورٽن موجب يورپي ملڪن کي خدشو هو ته آمريڪا شايد ايران خلاف جوهري حملي تي غور ڪري رهيو آهي۔
رپورٽن مطابق صدر ٽرمپ ايران کي خبردار ڪندي چيو هو ته “جيڪڏهن معاهدو نه ٿيو ته اڄ رات هڪ مڪمل تهذيب ختم ٿي ويندي”، جنهن کانپوءِ واشنگٽن ۾ موجود يورپي سفارتڪار فوري طور سرگرم ٿي ويا۔
ذريعن موجب برطانيا، فرانس ۽ جرمني گڏيل ردعمل تيار ڪيو هو، پر بعد ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جي خدشي سبب اهو جاري نه ڪيو ويو۔يورپي اختيارين کي خوف هو ته کليل تنقيد آمريڪي صدر کي وڌيڪ جارحاڻا قدم کڻڻ تي آماده ڪري سگهي ٿي۔ بعد ۾ صدر ٽرمپ ايران سان ٻن هفتن جي جنگ بندي جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ عارضي طور ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي۔
