اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) ملڪ ۾ وڌندڙ اي ٽي ايم فراڊ جي واقعن کي نظر ۾ رکندي سڀني ڪمرشل بينڪن لاءِ نيون سيڪيورٽي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جيئن صارفين جي مالي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي۔
ايس بي پي موجب سڀني بينڪن کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي پنهنجي اي ٽي ايم بوٿن ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي 24 ڪلاڪ فعال رکن۔ جيڪڏهن ڪنهن صارف جي اڪائونٽ يا اي ٽي ايم ٽرانزيڪشن ۾ ڪا مشڪوڪ سرگرمي ڏٺي وڃي ته صارف کي فوري طور اطلاع ڏنو وڃي۔
مرڪزي بينڪ بينڪن کي عالمي معيار مطابق “چِپ اينڊ پن” ڪارڊ جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي، جيئن غير مجاز ٽرانزيڪشن ۽ ڪارڊ ڪلوننگ جهڙن خطرن کي گهٽائي سگهجي۔
ايس بي پي وڌيڪ زور ڏنو آهي ته بينڪ پنهنجا اي ٽي ايم سسٽم ۽ بينڪنگ سافٽ ويئر باقاعدي اپڊيٽ ڪن، جڏهن ته بينڪنگ نيٽ ورڪن جي وچ ۾ رابطن کي محفوظ ۽ خفيه بڻايو وڃي۔ ان سان گڏ بينڪن کي جديد حفاظتي اوزار لڳائڻ ۽ فراڊ جي سڃاڻپ ۽ روڪٿام لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي۔
اسٽيٽ بينڪ صارفين کي به خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو اي ٽي ايم فراڊ جو شڪار ٿئي ته هو فوري طور پنهنجي لاڳاپيل بينڪ جي هيلپ لائن سان رابطو ڪري۔ جيڪڏهن شڪايت جو ازالو نه ٿئي ته صارف اسٽيٽ بينڪ جي آن لائن شڪايت پورٽل ذريعي شڪايت داخل ڪرائي سگهي ٿو۔
ماهرن موجب ايس بي پي جا اهي قدم ملڪ ۾ ڊجيٽل بينڪنگ نظام کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ ۽ صارفين جو اعتماد بحال رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا۔
