وزيراعظم شهباز شريف عوام کي پيٽروليم شين ۾ وڏي رليف جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شهباز شريف عيد جي ٽئين ڏينهن عوام لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

اعلاميي موجب پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 22 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن جو اطلاق اڄ رات 12 وڳي کان ٿيندو۔

وزيراعظم چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ سندس اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ قوم سان واعدو ڪيو ويو هو ته جيئن ئي گنجائش پيدا ٿيندي، عوام کي فائدو ڏنو ويندو۔

هن چيو ته گذريل هفتي به پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو ويو هو، جڏهن ته وفاقي حڪومت سخت معاشي حالتن باوجود عوامي ڀلائي لاءِ قدم کڻندي رهي آهي۔

وزيراعظم موجب حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ، مال بردار گاڏين، موٽر سائيڪل ۽ رڪشا استعمال ڪندڙن کي به ايندھن تي رليف فراهم ڪيو آهي۔

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 22 رپيا گهٽجڻ بعد 381 رپيا 78 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل به 22 رپيا سستو ٿيڻ بعد 380 رپيا 78 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو