ڪراچي: اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف ڪڏهن به اهو نٿو چوي ته وڏن زميندارن، سرمائيدارن ۽ واپارين کان ٽيڪس نه ورتو وڃي يا بجلي چوري، اسمگلنگ ۽ غير دستاويزي معيشت خلاف قدم نه کنيا وڃن. هن چيو ته اهي سڀ قدم حڪومت کي پاڻ کڻڻا پوندا، تنهنڪري بجيٽ 2026-27 لاءِ سخت، اثرائتا ۽ جرئتمنداڻا فيصلا ضروري آهن.
مائي ريڊار” ۾ ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ڪراچي جي پوش علائقي ڊي ايڇ اي سميت ڪيترن هنڌن تي ملڪيتن جي سرڪاري ۽ مارڪيٽ قيمتن ۾ وڏو فرق موجود آهي، جڏهن ته خريد و فروخت گهڻو ڪري نقد رقم ۾ ٿيندي آهي، جنهن سبب قومي خزاني کي وڏو نقصان پهچي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران اسٽيٽ بينڪ جي منافعي مان حڪومت کي هزارين ارب رپيا حاصل ٿيا، جڏهن ته پيٽروليم ليوي مان به لڳ ڀڳ 1500 کان 1600 ارب رپين جو اضافي محصول گڏ ڪيو ويو، جنهن جو سڌو بار عوام تي پيو.
