عيدالاضحيٰ تي قرباني جي جانورن جي کلن مان 8.7 ارب رپين جي معاشي سرگرمي جو امڪان

پاڪتان ۾ سعيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني جي جانورن جي کلن مان لڳ ڀڳ 8.7 ارب رپين جي معاشي سرگرمي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. هڪ رپورٽ موجب گذريل هڪ ڏهاڪي دوران ملڪ ۾ قرباني ٿيندڙ جانورن جي تعداد ۾ 17 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.هلندڙ سال 28 لک ڳئون ۽ ڏاند، 43 لک ٻڪريون، پنج لک رڍون ۽ 30 هزار اُٺ قربان ٿيڻ جا امڪان آهن، جن جون کلون چمڙي جي صنعت لاءِ اهم خام مال فراهم ڪنديون.رپورٽ موجب کلن جي خريد ۽ وڪري سان لکين ماڻهن جو روزگار وابسته آهي، جڏهن ته چمڙي جي صنعت ملڪ جي برآمدات ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. عيدالاضحيٰ دوران کلن جي واپار سڄي ملڪ ۾ هڪ وڏي معاشي سرگرمي جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي.گذريل نون سالن دوران چمڙي جي صنعت خام کلن جي فراهمي کان اڳتي وڌي تيار ڪيل ۽ وڌيڪ منافعي بخش شين جي پيداوار ڏانهن منتقل ٿي آهي. هن وقت چمڙي مان تيار ٿيل شين ۽ جوتن جي برآمدات جو حجم 694.20 ملين ڊالر تائين پهچي چڪو آهي.حڪومت چمڙي جي صنعت کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ خام مال بدران تيار شين جي برآمدات وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته قرباني جي جانورن ۽ انهن جي کلن جي وڌندڙ تعداد ملڪ ۾ خريداري جي مضبوط صلاحيت ۽ معاشي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي.

پنھنجي راءِ لکو