پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ملڪ ۽ پرڏيهه جون 12 قيمتي ملڪيتون به وڪرو ٿينديون

اسلام آباد: پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) جي نجڪاري واري عمل ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن تحت قومي ايئرلائن جون ملڪ اندر ۽ ٻاهر موجود 12 اهم ملڪيتون به نجي ڪنسورشيم حوالي ڪيون وينديون.

سرڪاري دستاويزن موجب انهن ملڪيتن ۾ پاڪستان جي مختلف شهرن سان گڏ آمريڪا، ايمسٽرڊيم ۽ ڀارت ۾ موجود ڪمرشل ۽ رهائشي اثاثا شامل آهن، جن جي مجموعي ماليت اربين رپين ۾ آهي.

دستاويزن مطابق نيويارڪ ۾ موجود رهائشي ملڪيت جي قيمت 19 لک 35 هزار آمريڪي ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايمسٽرڊيم ۾ پي آءِ اي جي سيلز آفيس جي ماليت 21 لک 5 هزار يورو ۽ ريزيڊنٽ مئنيجر جي رهائشگاهه جي قيمت 7 لک 67 هزار يورو لڳائي وئي آهي.

ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي ۾ پي آءِ اي جي سيلز آفيس جي ويليوئيشن 12 ڪروڙ 19 لک ڀارتي رپين کان وڌيڪ، جڏهن ته رهائشي ملڪيت جي قيمت 11 ڪروڙ 25 لک ڀارتي رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

پاڪستان اندر پشاور ۾ موجود پي آءِ اي جي سيلز آفيس سڀ کان وڌيڪ قيمتي اثاثو قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جي ماليت 5 ارب 56 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ لڳائي وئي آهي. اسلام آباد واري آفيس جي قيمت 2 ارب 67 ڪروڙ رپيا ۽ راولپنڊي جي بلنگ آفيس جي ماليت 2 ارب 54 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ سيلز آفيس جي عمارت جي قيمت 91 ڪروڙ 57 لک رپيا لڳائي وئي آهي.

دستاويزن موجب اهي ملڪيتون پي آءِ اي جي نجڪاري پيڪيج جو حصو آهن، جنهن تحت نجي ڪنسورشيم فضائي آپريشنز سان گڏ انهن اثاثن جو انتظام به سنڀاليندو. البت نيويارڪ جو روزويلٽ هوٽل ۽ پيرس جو سڪرائب هوٽل هن نجڪاري پيڪيج ۾ شامل نه آهن.

پنھنجي راءِ لکو