ولادیمیر پیوٹن چيو آهي ته ايران کي ان ڳالهه تي ساراهڻ گهرجي ته اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن باوجود ملڪ اندروني طور تي ورهاست جو شڪار نه ٿيو آهي. سندس چوڻ موجب ايراني سماج وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي ۽ عوام قومي مفادن لاءِ وڏي يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو آهي.سينٽ پيٽرزبرگ ۾ عالمي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي روسي صدر چيو ته ايران جي چوڌاري پيدا ٿيل صورتحال هاڻي عالمي بحران جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن سبب آمريڪا جي توجهه يوڪرين واري تڪرار کان هٽي وئي آهي. هن چيو ته يوڪرين جو بحران علائقائي نوعيت جو آهي، جڏهن ته ايران سان لاڳاپيل صورتحال عالمي اثر رکندڙ بڻجي وئي آهي.پيوٽن چيو ته روس ۽ ايران جا لاڳاپا ويجها ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن، پر نه ايران روس کان هٿيار گهريا آهن ۽ نه ئي روس ايران کي هٿيار فراهم ڪيا آهن.
وسي صدر ايراني عوام جي اتحاد ۽ ثابت قدمي جي ساراهه ڪندي چيو ته مستقبل جي ڪنهن به معاهدي يا ٺاهه ۾ ايران جي مفادن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڊونلڊ ٽرمپ جون ڪوششون ۽ ايراني قيادت جون پاليسيون تڪرار جي حل ۾ مددگار ثابت ٿينديون.پيوٽن وڌيڪ چيو ته توانائي جي قيمتن ۾ واڌ سبب روس کي ڪجهه وقتي معاشي فائدو ضرور ملي سگهي ٿو، پر روس جي خواهش آهي ته هي تڪرار جلد ختم ٿئي ۽ خطي ۾ استحڪام بحال ٿئي.سندس چوڻ هو ته موجوده بحران سبب فلسطين جو مسئلو عالمي ڌيان کان ڪجهه حد تائين پري ٿي ويو آهي، پر اهو هرگز نه ٿو چئي سگهجي ته اهو مسئلو حل ٿي ويو آهي. ايران ۽ آبنائي هرمز جي چوڌاري ٿيندڙ واقعن فلسطيني مسئلي کي پس منظر ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، پر اهو اڃا تائين موجود آهي.
