وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اڄ ٿيندڙ قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) جو اهم اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، جيڪو هاڻي سڀاڻي صبح ساڍي يارهين وڳي منعقد ٿيندو.ذريعن موجب وفاقي حڪومت ۽ ان جي اهم اتحادي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ ڪجهه اهم معاشي معاملن تي اتفاق راءِ نه ٿيڻ سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.هن اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف صدارت ڪرڻ وارو هو، جڏهن ته چئن ئي صوبن جي وڏن وزيرن، صوبائي ناڻي وزيرن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم جي شرڪت پڻ شيڊول هئي.قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ مجموعي طور 4,458 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ منظوري لاءِ پيش ڪئي وڃڻي هئي. تجويز ڪيل ترقياتي پروگرام تحت پنجاب لاءِ 1,450 ارب رپيا، سنڌ لاءِ 816 ارب رپيا، خيبرپختونخوا لاءِ 564 ارب رپيا ۽ بلوچستان لاءِ 308 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز هئي.ريعن جو چوڻ آهي ته ترقياتي بجيٽ ۽ ٻين معاشي معاملن تي وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ جاري مشاورت سبب اجلاس کي اڄ جي شيڊول مان خارج ڪيو ويو.هي اجلاس انتهائي اهميت جو حامل آهي، ڇاڪاڻ ته قومي اقتصادي ڪائونسل جي منظوري کان سواءِ وفاقي بجيٽ پارليامينٽ ۾ پيش نٿي ڪري سگهجي.اجلاس ملتوي ٿيڻ سبب وفاق ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرامن جي حتمي منظوري پڻ سڀاڻي تائين ملتوي ٿي وئي آهي۔
