خيبر پختونخوا جي وڏي وزير Sohail Afridi گلگت بلتستان جي چونڊن بابت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عوامي مينڊيٽ ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي ۽ عوامي راءِ جو احترام يقيني بڻايو وڃي.هن چيو ته 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ عوام باني پي ٽي آءِ تي اعتماد جو اظهار ڪيو هو. نتيجا تبديل ڪرڻ سان نظريا تبديل نٿا ٿين ۽ طاقت جي استعمال سان عوامي فيصلا تبديل نٿا ڪري سگهجن.سهيل آفريدي موجب باني پي ٽي آءِ ۽ پارٽي کي سياسي طور ختم ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام رهيون آهن، جڏهن ته گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي ووٽ ذريعي پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته عوامي مينڊيٽ جو احترام ئي سياسي استحڪام جي ضمانت آهي، جڏهن ته جمهوري عمل جي شفافيت بابت اٿندڙ سوال ڳڻتي جوڳا آهن. مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني عوام جا اهم مسئلا آهن، جن تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.وڏي وزير چيو ته رياستي ادارن کي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي مفاد ۾ پاليسين تي نظرثاني جي ضرورت آهي ۽ فيصلو ڪندڙن کي ملڪي استحڪام ۽ عوامي اميدن کي سامهون رکڻ گهرجي.
هن زور ڀريو ته پاڪستان کي هن وقت سياسي ڇڪتاڻ نه پر قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي. عوامي راءِ کي دٻائڻ بدران ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻتہ عوام جي فيصلن جو احترام ئي جمهوريت جو بنيادي اصول آهي.
