پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان گلگت بلتستان اسيمبلي چونڊن جي نتيجن کي رد ڪندي الزام هنيو آهي ته چونڊ عمل دوران منظم ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ عوامي مينڊيٽ کي تبديل ڪيو ويو.پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ کي چونڊ مهم ۽ پولنگ دوران مختلف رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ پارٽي کي چونڊ عمل کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان جي 24 مان 23 سيٽن تي پي ٽي آءِ جا اميدوار ميدان ۾ هئا، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ مجلس وحدت المسلمين گڏجي ٽي سيٽون کٽيون.بيرسٽر گوهر دعويٰ ڪئي ته ڪيترن ئي تڪن ۾ پي ٽي آءِ جي پڪ واري ڪاميابي کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو. هن استور، نگر، غذر ۽ ديامر جي ڪجهه تڪن جي نتيجن کي تڪراري قرار ڏيندي چيو ته فارم 45 موجب سندن اميدوار ڪيترين ئي سيٽن تي واضح برتري حاصل ڪري چڪا هئا.
