گلگت بلتستان چونڊون: 20 سيٽن جا سرڪاري نتيجا جاري، پيپلز پارٽي 9 سيٽن سان سڀ کان اڳتيگلگت بلتستان چونڊون: 20 سيٽن جا سرڪاري نتيجا جاري، پيپلز پارٽي 9 سيٽن سان سڀ کان اڳتي

گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ 24 مان 20 سيٽن جا سرڪاري نتيجا جاري ڪيا ويا آهن. فارم 47 موجب پاڪستان پيپلز پارٽي 9 سيٽن سان سڀ کان وڏي جماعت بڻجي سامهون آئي آهي، جڏهن ته 5 آزاد اميدوار، 5 سيٽن تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ هڪ سيٽ تي مجلس وحدت المسلمين ڪامياب ٿي آهي.نتيجن موجب گلگت، نگر، اسکردو، کھرمنگ، شگر، ديامر ۽ غذر جي مختلف تڪن مان پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) پڻ 5 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي.آزاد اميدوارن ۾ نيڪ نام ڪريم، محمد دل پذير، سيد امام مالڪ، امان علي عامر ۽ انور علي پنهنجي پنهنجي تڪن مان ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن.جي بي 8 اسکردو ٽو مان مجلس وحدت المسلمين جي ڪاظم ميثم 10,658 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيو.چونڊ نتيجن کانپوءِ گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي لاءِ سياسي رابطا تيز ٿي ويا آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ گڏيل حڪومت جي امڪانن تي به غور جاري آهي.

پنھنجي راءِ لکو