پنجاب حڪومت شهرين جي سهولت لاءِ پراپرٽي ٽيڪس جي ادائيگي واري نظام کي وڌيڪ آسان بڻائيندي Punjab Information Technology Board (پي آءِ ٽي بي) جي تحت قائم 15 اي خدمت مرڪزن تي پراپرٽي ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي.سرڪاري پڌرائي موجب هاڻي شهري پنهنجو پراپرٽي ٽيڪس هڪ ئي ڇت هيٺ بغير ڪنهن پيچيده مرحلي يا اضافي تڪليف جي تيز، آسان ۽ محفوظ طريقي سان ادا ڪري سگهن ٿا. هن سهولت سان وقت ۽ محنت ٻنهي جي بچت ٿيندي.اختيارين موجب هن قدم جو مقصد ٽيڪس ادائيگي جي نظام کي جديد بڻائڻ، شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۽ عوام کي وڌيڪ بهتر ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي۔
