وزيراعظم شهباز شريف جو پيٽرول سستو ڪرڻ جو اعلان، عوام لاءِ وڏي خوشخبري

وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته جنگ بندي کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن ۽ ان جو سڌو فائدو عوام تائين پهچايو ويندو.وزيراعظم موجب ڪجهه مهينا اڳ عالمي ڇڪتاڻ سبب تيل جون قيمتون وڌي ويون هيون، پر حڪومت مهانگائي جا اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ 128 ارب رپيا خرچ ڪيا. هن اميد ظاهر ڪئي ته تيل جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿينديون، جنهن سان عوام کي رليف ملندو ۽ ملڪ جي معيشت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

پنھنجي راءِ لکو