سوئٽزرلينڊ جي خوبصورت علائقي برگن اسٽاڪ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل ڳالهين جي پهرين مرحلي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار کي وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي۔رپورٽن موجب پاڪستان جي فيلڊ مارشل Syed Asim Munir ڳالهين جي ڪاميابي تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته پاڪستان کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، جيڪا الله جي فضل ۽ ڪرم سان ممڪن ٿي آهي۔ڳالهين دوران ٻنهي ڌرين 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته فني سطح تي ڳالهين جو سلسلو فوري طور شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي۔ پاڪستان ۽ قطر جي نگراني هيٺ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جيڪا سڄي عمل جي نگراني ڪندي۔اعلاميي موجب ايٽمي پروگرام، پابندين جي خاتمي ۽ ٻين تڪراري معاملن جي حل لاءِ الڳ الڳ ورڪنگ گروپس به جوڙيا ويندا، جڏهن ته لبنان بابت سيڪيورٽي معاملن ۽ آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن جي محفوظ آمدرفت لاءِ به نوان انتظام ڪيا ويندا۔
