سوئٽزرلينڊ ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ نئين ايٽمي معاهدي بابت ڳالهيون جاري آهن. ٻنهي ملڪن جي ڳالهين ڪندڙ نمائندن آچر رات دير تائين ڊگها ۽ لاڳيتا مذاڪرات ڪيا، جن جو مقصد نئين ايٽمي معاهدي ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ ۽ ايندڙ 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي.ڍنڍ لوسرن جي ويجهو ٿيندڙ انهن مذاڪرات مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻنهي ڌرين اهم اختلافن باوجود رابطي ۾ آهن ۽ علائقائي سلامتي بابت وسيع ڳالهين لاءِ بنياد تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.هڪ آمريڪي سفارتڪار موجب آمريڪي ۽ ايراني فني ٽيمون هفتي جي باقي ڏينهن دوران به سوئٽزرلينڊ ۾ رهي مذاڪرات جاري رکنديون. ٻئي طرف ايراني سرڪاري ميڊيا موجب ايراني وفد واپس روانو ٿي ويو آهي، جڏهن ته فني ٽيمون ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سوئٽزرلينڊ ۾ موجود رهنديون.
