آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي جون خبرون سامهون اچڻ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي۔بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 1.45 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اها 79.42 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي۔ اهڙي طرح آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) جي قيمت پڻ 2.07 سيڪڙو گهٽجي 75.73 ڊالر في بيرل تي واپار ٿي رهي آهي۔واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين بابت مختلف قياس آرائين سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي هئي۔پرڏيهي ميڊيا موجب انهن قياس آرائين دوران برينٽ خام تيل جي قيمت وڌي 81.27 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي هئي، پر هاڻي مثبت اڳڀرائي جي اشارن سبب مارڪيٽ تي موجود دٻاءُ ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن سان تيل جون قيمتون هيٺ اچڻ لڳيون آهن۔
