جسٽس منيب اختر، جيڪو سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي، قائم مقام چيف جسٽس پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. اها مقرري چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي پرڏيهي دوري سبب ڪئي وئي آهي.حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي برانچ رجسٽري ڪراچي ۾ منعقد ٿي، جتي محمد شفيع صديقي جسٽس منيب اختر کان حلف ورتو.سپريم ڪورٽ جي پڌرائي موجب، جسٽس منيب اختر چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي غير موجودگي دوران قائم مقام چيف جسٽس طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا.تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي معزز ججن، رجسٽري جي آفيسرن، رجسٽرار ۽ قانوني برادري سان لاڳاپيل اهم شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
