فيفا ورلڊ ڪپ دوران کيڏيل دلچسپ ۽ سنسني خيز مقابلن ۾ مصر ۽ اسپين پنهنجي پنهنجي ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ٻه ٻيا ميچ برابر رهيا۔
ٽورنامينٽ جي هڪ اهم مقابلي ۾ مصر نيوزيلينڊ کي 1-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي۔ ميچ جي شروعات ۾ نيوزيلينڊ جارحاڻي راند پيش ڪئي ۽ فن سرمين 15هين منٽ ۾ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري۔پر ٻئي هاف ۾ مصر شاندار واپسي ڪندي مسلسل ٽي گول اسڪور ڪيا ۽ ميچ 1-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتو۔هڪ ٻئي ميچ ۾ اسپين سعودي عرب کي 0-4 تان وڏي شڪست ڏئي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهچڻ جون اميدون وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيون۔ اسپين شروعات کان ئي ميچ تي مڪمل ڪنٽرول رکيو ۽ پهرين هاف ۾ ٽي جڏهن ته ٻئي هاف ۾ هڪ گول ڪيو۔ان کان اڳ يوراگوئي ۽ ڪيپ ورڊي وچ ۾ ٿيل مقابلو 2-2 گولن تان برابر رهيو۔ پهرين هاف جي پڄاڻي تي يوراگوئي کي 1-2 جي برتري حاصل هئي، پر 61هين منٽ ۾ ڪيپ ورڊي جي هيلو ويريلا گول ڪري اسڪور برابر ڪري ڇڏيو۔
ٻئي طرف ايران ۽ بيلجيم وچ ۾ مقابلو بنا ڪنهن گول جي برابر رهيو۔ ميچ دوران بيلجيم جي هڪ رانديگر کي فاؤل ڪرڻ تي ريڊ ڪارڊ ڏيئي ميدان کان ٻاهر موڪليو ويو، پر ايران عددي برتري جو فائدو کڻڻ ۾ ناڪام رهيو۔
