دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت (اي ٽي سي) ڪالعدم تنظيمن بي ايل اي ۽ بي ايل ايف جي اهم سهولتڪار ساجد احمد خلاف جرم ثابت ٿيڻ تي کيس 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهعدالت بلوچستان آرمز ايڪٽ تحت ڏوهاري کي وڌيڪ 7 سال قيد جي سزا پڻ ٻڌائي آهيسيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي ساجد احمد کي بلوچستان جي علائقي پنجگور مان گرفتار ڪيو هو، جتان وٽس هٿيار ۽ وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ آيو هو۔جاچ دوران معلوم ٿيو ته ساجد احمد معصوم شاگردن کي ورغلائڻ، کين اڪساڻ ۽ ڪالعدم تنظيمن ۾ ڀرتي ڪرائڻ جهڙين سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي۔وڌيڪ جاچ ۾ سندس ڀارتي سرپرستي هيٺ هلندڙ نيٽ ورڪن سان سڌن لاڳاپن جا به انڪشاف ٿيا آهن۔ رپورٽن موجب کيس پاڪستان ۾ خودڪش حملي لاءِ گاڏي تيار ڪرڻ جو ٽاسڪ پڻ ڏنو ويو هو۔
عدالت جي هن اهم فيصلي سان نه رڳو انصاف جا تقاضا پورا ٿيا آهن، پر مختلف ڪالعدم تنظيمن ۽ انهن جي مبينا رابطن بابت نوان ۽ سنجيده سوال پڻ سامهون آيا آهن۔
