فائيو آئيز جو خبردار ڪندڙ بيان: اي آئي حڪومتن ۽ اهم ڍانچن لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي

دنيا جي پنجن ترقي يافته ملڪن جي انٽيليجنس اتحاد “فائيو آئيز” جديد مصنوعي ذهانت (اي آئي) ماڊلز کي حڪومتن، ڪاروباري ادارن ۽ اهم بنيادي ڍانچن لاءِ هڪ سنگين خطرو قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته اي آئي ذريعي سائبر حملن جو خطرو هاڻي سالن بدران صرف ڪجهه مهينن جي فاصلي تي آهي.
بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا، برطانيا، ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ تي ٻڌل انٽيليجنس اتحاد هڪ گڏيل انتباهي بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جديد اي آئي ماڊلز سائبر حملن جي رفتار، پيماني ۽ پيچيدگي ۾ غير معمولي واڌ آڻي سگهن ٿا.رپورٽ موجب فرنٽيئر اي آئي ماڊلز سائبر جارحيت جي نوعيت کي تبديل ڪري ڇڏيندا ۽ هيڪرز کي وڌيڪ طاقتور صلاحيتون فراهم ڪندا، جنهن سان سرڪاري ادارا، حساس تنصيبات ۽ ڪاروباري ادارا وڌيڪ خطرن کي منهن ڏئي سگهن ٿا.فائيو آئيز حڪومتن ۽ خانگي شعبي کي هدايت ڪئي آهي ته هو مستقبل جي سائبر خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ۽ حفاظتي قدمن کي ترجيح ڏين.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مغربي حڪومتن کي خدشو آهي ته تيزي سان ترقي ڪندڙ اي آئي سسٽم عالمي سائبر سيڪيورٽي جي منظرنامي کي تبديل ڪري سگهن ٿا، جنهن سبب مستقبل ۾ ڊجيٽل بنيادي ڍانچن کي درپيش خطرن ۾ نمايان اضافو ٿي سگهي ٿو.

پنھنجي راءِ لکو