پنجاب ۾ ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ ميرج هالن ۽ وڏن ريسٽورنٽن ۾ خاص ڪيمرا لڳائڻ جو فيصلو

لاهور: پنجاب حڪومت ٽيڪس چوري ۽ ٽيڪس فراڊ خلاف سخت قدم کڻندي ميرج هالن، مارڪيز، فارم هائوسز ۽ وڏين فوڊ چينز جي نگراني لاءِ خاص ڪيمرا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انهن ڪيمرن ذريعي هر مالي ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ محفوظ ڪيو ويندو.وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف جي صدارت هيٺ پنجاب ريونيو ڪليڪشن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽيڪس نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۽ ريونيو ۾ واڌ لاءِ مختلف فيصلا ڪيا ويا.اجلاس دوران جعلي رسيدون جاري ڪندڙن ۽ وڪرو لڪائيندڙ ڪاروباري ادارن خلاف سخت ڪارروائي جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته وڏن ريسٽورنٽن ۾ نقد ادائيگين بدران ڊجيٽل پيمنٽ سسٽم کي هٿي ڏيڻ واري تجويز تي پڻ غور ڪيو ويو.وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته دنيا تيزي سان ڊجيٽل ادائيگين ڏانهن وڌي رهي آهي، تنهن ڪري پاڪستان کي به جديد مالي نظام اختيار ڪرڻ گهرجي. هن واضح ڪيو ته ٽيڪس چوري خلاف ڪا به رعايت نه ڏني ويندي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي اهڙين سرگرمين جي سڃاڻپ ڪئي ويندي.اجلاس ۾ پنجاب ريونيو اٿارٽي (پي آر اي) کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ، عملي ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ٽيڪس وصولين بابت هفتيوار رپورٽ پيش ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون.بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته مالي سال 2026-27 لاءِ 528.5 ارب رپين جو ريونيو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ ٽيڪس وصولين ۾ 38 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ مجموعي وصولي 346 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي.اختيارين موجب پي آر اي جو دائرو 10 ضلعن مان وڌائي 26 ضلعن تائين ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪس نيٽ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ انٽيليجنس، ٽيڪس پيئر آڊٽ ۽ ليگل ونگ پڻ قائم ڪيا ويا آهن.وزيراعليٰ اداري جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي عوام ۾ ٽيڪس بابت آگاهي وڌائڻ ۽ ميڊيا ذريعي حڪومتي قدمن جي مؤثر تشهير ڪرڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو