بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردي جو هڪ وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب پنجگور جي علائقي جيرڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگي ۽ تخريبي ڪارروائي جي منصوبي بابت ڳجهي ڄاڻ ملي هئي، جنهن کان پوءِ فورسز هڪ اهم آپريشن ڪيو.ڪارروائي دوران هڪ مشڪوڪ گاڏي جي تلاشي ورتي وئي، جنهن مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ مواصلاتي سامان هٿ آيو. ذريعن موجب گاڏي مان 4 راڪيٽ فيوز ۽ ڪيترائي آءِ اي ڊيز (ديسي ساخت جا بم) پڻ هٿ ڪيا ويا.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته هي خطرناڪ ڌماڪيدار مواد ڪنهن وڏي دهشتگرد حملي ۾ استعمال ٿيڻو هو، پر فورسز جي هوشياري ۽ تياري سبب اهو منصوبو وقت سر ناڪام بڻايو ويو.عوامي ۽ دفاعي حلقن سيڪيورٽي فورسز جي هن ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪ جا محافظ امن دشمن عنصرن ۽ دهشتگردن جي ارادن آڏو مضبوط ديوار بڻيل آهن ۽ صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هر وقت چوڪس آهن.
