ڀارت ۾ شاگردن جي احتجاجي تحريڪ زور وٺي وئي، ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو ڌرڻو جاري

نئين دهلي: ڀارت ۾ نوجوانن ۽ شاگردن جي هڪ اڀرندڙ تحريڪ حڪومت لاءِ اهم سياسي چئلينج بڻجي رهي آهي. “ڪاڪروچ جنتا پارٽي” (سي جي پي) جي اڳواڻي ۾ هلندڙ احتجاجي مهم کي ملڪ جي مختلف حصن ۾ نوجوانن جي وڌندڙ حمايت حاصل ٿي رهي آهي.عالمي ميڊيا اداري الجزيره جي رپورٽ موجب نئين دهلي ۾ جاري ڌرڻو تعليم واري وزير دھرميندر پردھان جي استعيفيٰ تائين جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سخت گرمي باوجود مظاهرين روڊن ۽ فٽ پاٿن تي راتيون گذاري احتجاج جاري رکيو آهي.سي جي پي جي باني اڀيجيت ديپڪي سوشل ميڊيا تي شروع ٿيل مهم کي عوامي تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. امتحاني پرچن جي مبينا ليڪ ٿيڻ ۽ وڌندڙ بيروزگاري نوجوانن ۾ بيچيني ۽ ناراضگي پيدا ڪئي آهي.انڊيا ٽوڊي جي رپورٽ مطابق اڀيجيت ديپڪي هارين کان به هن تحريڪ جي حمايت جي اپيل ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته جڏهن هاري پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا ته شاگردن سندن ساٿ ڏنو هو، تنهنڪري هاڻي هارين کي به شاگردن جي مطالبن جي حمايت ڪرڻ گهرجي.تجزيه نگارن موجب هي احتجاج ڀارتي نوجوانن جي معاشي ۽ سماجي مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿو، جڏهن ته ڪجهه مبصر ان کي ڏکڻ ايشيا ۾ اڀرندڙ عوامي تحريڪن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي طور به ڏسن ٿا.

پنھنجي راءِ لکو