آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026: آسٽريليا پاڪستان کي 113 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي 21هين ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان وومينز ٽيم کي 113 رنسن جي وڏي فرق سان شڪست ڏئي ڇڏي.
آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهيون. ايلس پيري بهترين بيٽنگ ڪندي 48 بالن تي 71 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.200 رنسن جي هدف جي پٺيان پاڪستان وومينز ٽيم جي بيٽنگ مڪمل طور ناڪام رهي ۽ سڄي ٽيم صرف 86 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان جي اٺ بيٽر ڊبل فيگر تائين به نه پهچي سگهيون، جڏهن ته منيبه علي 32 رنسون ٺاهي ٽيم جي ٽاپ اسڪورر رهي.پاڪستان طرفان سعديه اقبال 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. آسٽريليا جي صوفي مولينيو ۽ ايلس پيري به 2، 2 وڪيٽون ورتيون.شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي تي ايلس پيري کي ميچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو. هي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان وومينز ٽيم جي لڳاتار چوٿين شڪست آهي، جڏهن ته آسٽريليا گروپ مرحلي جا پنهنجا چارئي ميچ کٽي سيمي فائنل لاءِ مضبوط پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو