نئين دهلي (11 جولاءِ 2026): افغان عبوري حڪومت جي زراعت واري وزير مولوي عطا الله عمري ڀارت جي دوري دوران چيو ته ڀارت اچي کين هرگز اهو محسوس نه ٿيو ته هو ڪنهن پرڏيهي ملڪ ۾ آهن، بلڪه کين ائين لڳو ڄڻ هو پنهنجي ئي ملڪ ۾ موجود هجن. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۽ ڀارت جو “ڊي اين اي هڪ” آهي.افغان وزير جي هن بيان کان پوءِ مختلف سياسي ۽ دفاعي حلقن ۾ بحث شروع ٿي وئي آهي. ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هن بيان سان علائقي ۾ افغانستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن بابت نوان سوال پيدا ٿيا آهن.ڪجهه ناقدن طالبان حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين جي معاملن تي خاموشي ۽ ڀارت سان ويجهڙائپ بحث جو سبب بڻجي رهي آهي، جڏهن ته ٻين مبصرن جو خيال آهي ته اهو بيان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش طور پڻ ڏٺو وڃي ٿو.
ن بيان بابت افغان عبوري حڪومت طرفان اڃا تائين وڌيڪ وضاحت سامهون ناهي آئي.
