حڪومت پيٽرول تي پيٽروليم ليوي وڌائي 80 رپيا في ليٽر ڪري ڇڏي، 9.36 رپين جو وڏو اضافو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي سان گڏ پيٽرول تي پيٽروليم ليوي ۾ 9 رپيا 36 پيسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد پيٽرول تي ليوي 70 رپيا 36 پيسن مان وڌي 80 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاءِ آڪٽين بلينڊنگ ڪمپوننٽ تي به 9 رپيا 64 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن بعد ان تي پيٽروليم ليوي 95 رپيا 36 پيسن مان وڌي 105 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل، گاسليٽ (مٽيءَ جو تيل) ۽ لائيٽ ڊيزل آئل تي پيٽروليم ليوي جي شرح ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي 70 رپيا 82 پيسا، گاسليٽ تي 20 رپيا 36 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل تي 15 رپيا 84 پيسا في ليٽر برقرار رهندي.

حڪومت جي هن فيصلي کان پوءِ پيٽرول تي لاڳو پيٽروليم ليوي ٻيهر 80 رپيا في ليٽر جي سطح تي پهچي وئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو