مريدڪي: شيخوپوره جي شهر مريدڪي ۾ نائين جماعت جي شاگردياڻي سان مبينا زيادتي واري واقعي تي پوليس ڪيس داخل ڪري مرڪزي جوابدار جي پيءُ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مرڪزي جوابدار اڃا تائين فرار آهي.پوليس موجب ڪيس متاثر شاگردياڻي جي والد عارف جي درخواست تي داخل ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته مرڪزي جوابدار سبحان عرف جيبو واقعي کان پوءِ کان فرار آهي، جڏهن ته سندس پيءُ کي جاچ لاءِ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.پوليس موجب واقعو ٻه مهينا اڳ ٽپياله دوست محمد ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي جوابدار مبينا طور شاگردياڻي کي گهر ۾ اڪيلي ڏسي ساڻس زيادتي ڪئي ۽ واقعي جي وڊيو ٺاهي ٻين ماڻهن سان شيئر ڪئي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار مبينا طور وڊيو جي بنياد تي شاگردياڻي کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي خاموش رهڻ تي مجبور ڪندو رهيو. اختيارين موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
