تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته تهران تازين ڇڪتاڻن کانپوءِ آمريڪا سان ڳالهيون جاري رکڻ جي درخواست ڪئي آهي.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران آمريڪا سان ڳالهين جي ڪا درخواست ناهي ڪئي، پر قطر جي ثالثي واري تجويز کي قبول ڪيو هو.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪا ڪنهن به معاهدي (ايم او يو) جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ايران ان جو مناسب ۽ سخت جواب ڏيندو.
ٻئي پاسي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران ڳالهين کي جاري رکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جڏهن ته آمريڪا واضح ڪيو آهي ته جنگبندي ختم ٿي چڪي آهي.هوڏانهن آمريڪا ايران تي وڌيڪ پابنديون به لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. آمريڪي ناڻي واري کاتي ايراني مالي سهولتڪار علي انصاري، ڪيترن ئي شيڊو ايڪسچينج هائوسز ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهن کي پابندين واري فهرست ۾ شامل ڪيو آهيآمريڪي اختيارين موجب علي انصاري مبينا طور مجتبيٰ خامنه اي سان لاڳاپيل عالمي مالي نيٽ ورڪ جي نگراني ڪري ٿو، جڏهن ته ڪجهه ايڪسچينج هائوسز پابندين هيٺ آيل ايراني بئنڪن لاءِ مالي منتقليون انجام ڏين ٿا. آمريڪا هانگ ڪانگ ۽ گڏيل عرب امارات ۾ قائم ٻن ڪمپنين تي به نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.
