بهاولنگر/شيخوپوره: پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پيش آيل ٻن الڳ الڳ ٽريفڪ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ٻيو سخت زخمي ٿي پيو.ريسڪيو اختيارين موجب بهاولنگر ضلعي جي هارون آباد روڊ تي شهباز والا ڀرسان بجري سان ڀريل 22 ڦيٿن وارو ٽريلر بي قابو ٿي روڊ ڪناري ويٺل ٻن مزدورن مٿان اونڌو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مزدور موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو.پوليس موجب فوتي مزدور جي سڃاڻپ محمد شوڪت طور ٿي آهي، جڏهن ت زخمي کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.ريسڪيو اهلڪارن موقعي تي پهچي امدادي ڪارروايون مڪمل ڪيون.ٻئي پاسي شيخوپوره جي تعلقي صفدر آباد ۾ ڪچي ڪوٺي ڀرسان تيز رفتار مني ٽرڪ 22 ڦيٿن واري ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثو ايترو ته شديد هو، جو فوتي گاڏي ۾ ڦاسي پيو، جنهن کي ريسڪيو اهلڪارن گاڏي ڪٽي ٻاهر ڪڍيو.پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ 26 ورهين جي محمد ماجد طور ٿي آهي، جنهن جو تعلق ٽوبه ٽيڪ سنگهه سان ٻڌايو ويو آهي.
