راولپنڊي (15 جولاءِ 2026): راولپنڊي جي علائقي چڪلاله، محلا نوراني ۾ گيس ليڪيج سبب هڪ گهر اندر خوفناڪ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سخت سڙي زخمي ٿي پئي، جڏهن ته گهر کي به وڏو نقصان پهتو.
گهر ڀاتين موجب گهٽي مان گذرندڙ سيوريج لائن ۾ سوئي گيس جي پائپ لائن مان گيس ليڪ ٿي رهي هئي، جيڪا سيوريج ذريعي گهر اندر گڏ ٿي وئي. جيئن ئي گهر ۾ ماچيس ٻاري وئي ته زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب دروازا، دريون ۽ گهر جو قيمتي سامان تباهه ٿي ويو.مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته ساڳئي گهٽي ۾ پنج ڏينهن اڳ به سيوريج لائنن ۾ گيس گڏ ٿيڻ سبب اهڙا ڌماڪا ٿي چڪا هئا. رهواسي نويد ملڪ موجب سوئي گيس کاتي کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرايون ويون، پر مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪو مؤثر قدم نه کنيو ويو.حادثي کان پوءِ سرڪاري امدادي ٽيمن جي دير سبب مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪارروايون ڪيون، زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ۽ وڌيڪ نقصان کان بچاءَ لاءِ قدم کنيا.
علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته غفلت جا ذميوار اهلڪار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ گيس جي ليڪيج کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.
