ڪراچي: اٽي جي اگهن واري تڪرار تي واپارين جي هڙتال، وڏيون هول سيل مارڪيٽون بند

ڪراچي (15 جولاءِ 2026): اٽي جي اگهن بابت تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن خلاف هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن اڄ هتال جو اعلان ڪندي جوڙيا بازار سميت ڪراچي جون وڏيون هول سيل اجناس مارڪيٽون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالرؤف ابراهيم موجب اٽو وڪرو ڪندڙن جي مبينا گرفتارين، ڏنڊن، دڪانن جي سيلنگ ۽ انتظاميا جي ڪاررواين کي قبول نٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته دڪاندارن کي ڪنهن به قسم جا لکت وارا چالان جاري نه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مهانگو اٽو وڪرو ڪندڙ فلور ملن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي رهي آهي.هڙتال سبب جوڙيا بازار، لي مارڪيٽ، ڊانڊيا بازار، نانڪ واڙا بازار، لانڍي، ملير، ڪورنگي ۽ لياقت آباد جون هول سيل اجناس مارڪيٽون بند رهنديون، جنهن ڪري ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن اجناس جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.واضح رهي ته ڪمشنر ڪراچي ڍائي نمبر اٽي جو سرڪاري اگهه 122 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو هو، جڏهن ته فلور ملن سان ڳالهين کان پوءِ ايڪس مل اگهه 125 رپيا في ڪلو طئي ڪيو ويو. واپارين جو موقف آهي ته 125 رپيا في ڪلو خريد ڪيل اٽو 122 رپيا في ڪلو وڪڻڻ ممڪن ناهي، جنهن سبب انتظاميا، فلور ملن ۽ واپارين وچ ۾ اختلاف اڃا تائين برقرار آهي.

پنھنجي راءِ لکو