اسلام آباد (15 جولاءِ 2026): پاڪستان ۾ سفري دستاويزن جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ روايتي مشين ريڊيبل پاسپورٽ (ايم آر پي) کي مرحليوار ختم ڪري جديد اي پاسپورٽ نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نئين نظام تحت شهري مستقبل ۾ موبائل ايپ ذريعي گهر ويٺي پاسپورٽ لاءِ درخواست جمع ڪرائي سگهندا، آن لائن فيس ادا ڪندا، جڏهن ته تيار ٿيل اي پاسپورٽ سندن گهر تائين پهچايو ويندو.سويرا ۾ ڳالهائيندي ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽس محمد عبد الخالق چيو ته پاڪستان پنهنجو پهريون اي پاسپورٽ 2022ع ۾ جاري ڪيو هو، پر ان وقت اهو نظام اي گيٽس سان مڪمل ور ڳنڍيل نه هو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته 2025ع ۾ اي پاسپورٽ نظام کي اپ گريڊ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ پاڪستان وٽ عالمي معيار مطابق مڪمل اي پاسپورٽ سسٽم موجود آهي. سندس چوڻ موجب جديد اي پاسپورٽ ۾ ليزر اينڊ گريوِنگ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل سرٽيفڪيٽ شامل آهن، جنهن سبب ان جي جعلسازي ڪرڻ انتهائي ڏکيو بڻجي ويو آهي.
