فيفا ورلڊ ڪپ 2026: ارجنٽينا ۽ انگلينڊ اڄ سيمي فائنل ۾ آمهون سامهون، سيڪيورٽي سخت

اٽلانٽا (15 جولاءِ 2026): فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ٻئي سيمي فائنل ۾ اڄ روايتي حريف ارجنٽينا ۽ انگلينڊ اٽلانٽا ۾ هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ لهندا، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن جي تاريخي رقابت کي نظر ۾ رکندي سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن.
فٽبال جي دنيا ۾ ارجنٽينا ۽ انگلينڊ جي مقابلي کي انتهائي حساس سمجهيو ويندو آهي. ماضي ۾ ٻنهي ٽيمن جي ميچن دوران شائقين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ جهيڙا به ڏٺا ويا آهن، جنهن سبب هن ميچ کي هاءِ رسڪ قرار ڏنو ويو آهي.
75 هزار کان وڌيڪ تماشائين جي گنجائش رکندڙ اٽلانٽا اسٽيڊيم ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا الرٽ آهن، جڏهن ته ٻنهي ٽيم جي حامين کي الڳ الڳ داخلا رستن ذريعي اسٽيڊيم ۾ داخل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ٻئي ٽيمون 2002ع کان پوءِ پهريون ڀيرو فيفا ورلڊ ڪپ ۾ هڪ ٻئي جي سامهون اچي رهيون آهن، جڏهن ته دفاعي چيمپئن ارجنٽينا جو ڪپتان ليونل ميسي پنهنجي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف کيڏندو.

پنھنجي راءِ لکو