آبنائے هرمز ٻيهر کولڻ لاءِ آمريڪا، ايران ۽ عمان عبوري معاهدي جي آخري مرحلي ۾

آمريڪا، ايران ۽ عمان آبنائے هرمز کي ٻيهر کولڻ لاءِ هڪ اهم عبوري معاهدي جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن، جڏهن ته معاهدي جو باضابطه اعلان اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي.آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايڪسيوس (Axios) جي رپورٽ موجب ڪيترن ئي هفتن کان جاري ڳالهين جو بنيادي مقصد آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي کي بحال ڪرڻ ۽ رڪجي ويل جوهري ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ آهي.رپورٽ موجب تجويز ڪيل معاهدي تحت آبنائے هرمز ۾ بحري آمدرفت جي انتظام بابت ايران جا اهي مطالبا به قبول ڪيا ويا آهن، جيڪي جنگ کان اڳ پورا نه ٿيا هئا.معاهدي تحت ايران ۽ عمان وچ ۾ 60 ڏينهن جي عبوري انتظام تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ضرورت پوڻ تي واڌ به ڪري سگهبي. ان انتظام تحت خليج فارس ۾ داخل ٿيندڙ سڀئي جهاز ايراني حدن ۾ موجود اتر واري سامونڊي رستي تان گذرندا، جڏهن ته بحيره عرب ڏانهن ويندڙ بحري ٽريفڪ ايران جي مشاورت سان عماني حدن جي ڏکڻ واري رستي تان هلندي. ان 60 ڏينهن جي عرصي دوران جهازن کان ڪنهن به قسم جو ٽول يا فيس وصول نه ڪيو ويندو.معاهدي موجب 30 ڏينهن اندر آبنائے هرمز جي وچ واري سامونڊي رستي مان سامونڊي بارودي سرنگون به صاف ڪيون وينديون. صفائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان رستي کي ٻنهي ملڪن جي مستقل انتظام هيٺ ٻطرفي بحري آمدرفت لاءِ کوليو ويندو.علائقائي ذريعن موجب عمان ۽ ايران وچ ۾ سڌين ڳالهين دوران قطر، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي اختيارين پڻ اهم ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته وائيٽ هائوس به سفارتي عمل دوران سرگرم رهيو. ان عرصي ۾ آمريڪي صدر جي خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪوف، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ عمان جي پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي وچ ۾ ڪيترائي اهم ٽيليفونڪ رابطا ٿيا.