آبنائے هرمز ٻيهر کولڻ بابت ايران جو پاڪستان کي مثبت اشارو، ڳالهين ۾ اڳڀرائي

لعربيه نيوز جي دعويٰ موجب ايران آبنائے هرمز کي ٻيهر کولڻ واري معاملي تي پاڪستان کي مثبت اشارا ڏئي ڇڏيا آهن، جڏهن ته علائقائي نگراني ۽ عالمي واپاري رستن بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
رپورٽ موجب ايران آبنائے هرمز بابت مفاهمتي يادداشت جي پنجين شق ۾ سيڪيورٽي ضميمو ۽ بنيادي حفاظتي نقطا شامل ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي.ٻئي طرف ايران ۽ عمان وچ ۾ به آبنائے هرمز بابت ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته محفوظ سامونڊي آمدرفت بابت ڳالهيون مثبت انداز ۾ جاري آهن.هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي خودمختياري کي نظر ۾ رکندي آبنائے هرمز ۾ آمدرفت لاءِ نئون طريقو طئي ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ ٽيڪنيڪل ۽ سياسي سطح تي ڳالهه ٻولهه تعميري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته حتمي معاهدي جو اعلان سمورين ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪيو ويندو.ان حوالي سان آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ پڻ تصديق ڪئي آهي ته ايران سان مختلف معاملن تي مسلسل ڳالهيون جاري آهن.آمريڪي وزير اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايران سان آبنائے هرمز ٻيهر کولڻ بابت معاهدو اڄ يا سڀاڻي تائين طئي ٿيڻ جو امڪان آهي. سندس چوڻ موجب معاهدي تحت آبنائے هرمز ۾ تجارتي جهازن جي آزاد آمدرفت کي يقيني بڻايو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته صورتحال ڇڪتاڻ واري هجڻ باوجود هن وقت به ڪيترائي تجارتي جهاز آبنائے هرمز مان گذري رهيا آهن.