9 مئي سانحو: جي آءِ ٽي عمران خان کي جمعي تي طلب ڪري ورتو

9 مئي تي جناح حائوس تي حملو ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي جمعي تي طلب ڪري ورتو آهي پي ٽي آءِ چيئرمين کي سمورن نامزد ڪيسن ۾ طلب ڪيو ويو آهي ۽ عمران خان کي جي آءِ ٽي چوٿون ڀيرو طلب ڪيو آهي پوليس موجب عمران خان جي آءِ ٽي آڏو صرف هڪ ڀيرو پيش ٿيو آهي جي آءِ ٽي جي ميمبرن کي ڌمڪيون ڏيڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف شڪايت داخل ٿيل آهي ياد رهي ته عمران خان 9 مئي جي واقعن تي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سامهون 14 جولاءِ تي پهريون ڀيرو پيش ٿيو هو. کيس لاهور جي قلعه گجر پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿيڻ جي لاءِ طلب ڪيو ويو هو