ايشيا ڪپ 2027 بنگلاديش ۾ ون ڊي فارميٽ ۾ کيڏيو ويندو
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي اجلاس ۾ ڀارت جي روئي جي سخت مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڀارتي رانديگرن پاران ٽاس ۽ ميچ کان پوءِ هٿ نه ملائڻ راند جي جذبن جي خلاف آهي. اي سي سي جي ذريعن مطابق صدر محسن نقوي کان ايشيا ڪپ جي ٽرافي نه وٺڻ به غلط رويو قرار ڏنو ويو
ڀارتي ٽيم، مودي سرڪار جي ايما تي، ٽورنامينٽ کٽڻ باوجود ٽرافي وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن عمل تي نه رڳو عالمي ڪرڪيٽ حلقن پر ڀارت جي اندر به سخت تنقيد ٿي رهي آهي. ايشيا ڪپ جي ٽرافي هن وقت دبئي ۾ موجود آهي
ان کان اڳ سياستدان ششي ٿرور ۽ اڳوڻو ڪپتان ڪپل ديو به ڀارت جي هن روئي تي افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته جڏهن پاڪستان سان کيڏي رهيا آهيو ته انهن سان هٿ به ملائڻ گهرجي ۽ کٽڻ بعد ٽرافي به وٺڻ گهرجي هئي۔
