ڪراچي: انسٽنٽ ميسجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ اينڊرائيڊ جي ڪجهه بيٽا واپرائيندڙن لاءِ هڪ نئون ”اسڪيم الرٽ“ (فراڊ کان خبردار ڪندڙ) فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد واپرائيندڙن کي امڪاني دوکي ۽ شڪي پيغامن کان وقت سر آگاهه ڪرڻ آهي. هي فيچر واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ بيٽا ورشن 2.26.34.1 ۾ ڏٺو ويو آهي.
هن نئين فيچر تحت، جيڪڏهن ڪنهن اڻڄاتل نمبر تان ايندڙ پيغام شڪي لڳندو ته سسٽم واپرائيندڙ کي فوري طور تي خبردار ڪندو. ان کان پوءِ واپرائيندڙ وٽ اختيار هوندو ته هو ان نمبر کي ڀروسي جوڳو (ٽرسٽڊ) قرار ڏئي يا ان کي بلاڪ ۽ رپورٽ ڪري ڇڏي. جيڪڏهن واپرائيندڙ ان چيٽ کي ڀروسي جوڳو قرار ڏئي ٿو، ته هو گفتگو جا آخري پنج پيغام واٽس ايپ سان شيئر ڪري سگهي ٿو ته جيئن هن فيچر جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي.
ياد رهي ته هي فيچر اختياري هوندو ۽ ان کي واٽس ايپ جي سيٽنگز (Settings) ۾ وڃي اڪائونٽ (Account) سيڪشن مان پاڻ فعال ڪرڻو پوندو. ميٽا انتظاميا موجب، اسڪيم الرٽ فيچر ڊوائيس تي موجود مشين لرننگ ماڊل استعمال ڪري ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته پيغامن جي جاچ لاءِ انهن جو مواد موبائيل فون کان ٻاهر نه موڪليو ويندو. واٽس ايپ پاران اڃا تائين عام واپرائيندڙن لاءِ هن فيچر کي جاري ڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.
